ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائي??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي آذربائي??ان جي صدر الهام ع??يو?? سان ملاقات ڪ??ي. ??زيراعظم ان موقعي تي پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي سان گڏوگڏ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ دل کولي مالي امداد جي فراهمي تي آذربائي??ان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش هي قدرتي آفت ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهي، هن عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري فوري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائي??ان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم نگورنو ڪاراباخ تي پاڪستان پاران آذربائي??ان جي اصولي حمايت کي ورجائيندي ان جي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آرمينيا جي اشتعا?? انگيز حملي ۾ 70 آذري فوجين جي تازي شهادت تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عالمي قانون موجب ۽ ان جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ آذربائي??ان جي پنهنجي دفاع جي حق جي حمايت کي ورجايو. پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صلاحيت کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آذربائي??ان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. صدر الهام ع??يو?? وزيراعظم کي جلد آذربائي??ان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے