اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائ??ن ۾ تباهه ٿيل بجلي ۽ رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سسٽم جي بحالي بهترين هم ??هنگي ۽ محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کان متاثر علائ??ن ۾ جاري ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبا??ند?? ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، عطاءُ الل?? تارڙ، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا، مولانا طاهر اشرفي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾و زيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو ورتو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هنن دوست ملڪن مان پاڪستان کي پهچندڙ عالمي امداد بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻوڏ کان متاثر علائ??ن ۾ تباهه ٿيل بجلي ۽ رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سسٽم جي بحالي بهترين هم ??هنگي ۽ محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم قومي رستن ۽ ريل نيٽ ورڪ کي پاڻي مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻوڏ سٽيل علائ??ن ۾ جتي پاڻي گهٽ ٿي ويو آهي اتي خصوصي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي.
وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری