اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪشمير جي ت??را??ي حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ڀارت و??لاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن ت??ت و??لاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاه??ا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪ??ا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشميري قيادت کي قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي انساني مصيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ڪ??ا ويا آهن.
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا