اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو، پاڪستان ج?? 75 هين سالگرهه تي سمورا پاڪستاني پرجوش آهن، اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين، اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان ج?? سالگرهه قومي جذبي سان ملهائي پئي وڃي. ??ها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن ج?? شيڊيول جوڙيو ??يو آهي. هن سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي تراني جي نئين سر رڪارڊنگ مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن ج?? پرومو اڄ جاري ??يو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قومي ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو ??و، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين سر رڪارڊ قومي ترانو پاڪستان ج?? ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قومي تراني جي رڪارڊنگ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو ??و، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل قومي ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ج?? 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري پاڪستان ج?? 75 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ نوجوانن سميت هر پاڪستاني پرجوش آهي. ڪافي ٽيبل بڪ جي ڊيجيٽل لانچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪافي ٽيبل بڪ ۾ پاڪستان ج?? ثقافت کي اجاگر ??يو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽيبل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽيبل بڪ کي ??يو آر ڪوڊ سان لنڪ ??يو ويو آهي، موبائيل فون ج?? ذريعي ??يو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽيبل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ج?? 75 هين سالگرهه تي اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته ??ها ان ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي پاڪستان ڪهاڻي جي نالي سان مختلف س??ري?? پيش ڪيون پيون وڃن، انهن س??ري?? ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ??يو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو ??اڪستان ۽ پي ٽي وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نوجوانن ج?? لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ج?? ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ج?? ذڪر آهي. هن چيو ته پاڪستان ج?? 75 هين سالگرهه جي حوالي سان روزانو جون سرگرميون پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ڪيون پيون وڃن، 75 سالا تقريبن ۾ پاڪستان ج?? اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي سان سمورين شين کي اجاگر ??يو پيو ??ڃي. هن چيو ته پاڪستان ج?? 75 سالا تقريبن ج?? حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جاري آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ اسان هر ڏينهن سرگرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ??يو ويو ??و. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪافي ٽيبل بڪ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ج?? آزادي جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.
وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری