انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف پاڪست??ن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پاڪست??ن جي مواصلات و??ري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪست??ن جي ناڻي وا??ي وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي وا??ي وزارت ۽ پاڪست??ن جي اقتصادي معاملن وا??ي وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي وا??ي وزارت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار وا??ي وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ وا??ي وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ ترڪيءَ پاران مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ