اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي مواد کي مانيٽر ??رڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود ??هي?? پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت مواد جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارننگ شوز کي به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پيمرا جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آه??، عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آه?? ته جيئن ڪا اهڙي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن چيو ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر ??هي?? پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موجود آه?? ته جيئن ڪو به اهڙو مواد اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لائيو ٽيلي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير هوندي ??هي?? ان وقت جي اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چينلز کي جنهن مواد تي جيترو ڏنڊ هنيو ويو ??هي?? ان جي ڊيٽا ميمبرن کي فراهم ڪري ڇڏي ??هي?? جيڪڏهن ڪٿي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي آه?? ته اسيمبلي ميمبر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسنديس. قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارننگ شيوز کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو اهڙو مارننگ شو آه?? جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي رهي آه?? ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي طور تي ڏسنديس. هن چيو ته شام 7 ??ڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي مقابلي ۾ مارننگ شوز کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي ڏس ۾ ڏٺو وڃي ٿو.
پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ