اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ب??طانيه جي هاءِ ڪمشنر مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ ۽ ان ۾ سگهه لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فيڪ نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، ب??طانوي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان مله??ئڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته يوم آزادي 14 آ??سٽ تي پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عا??مي مسئلن تي هڪجهڙي تصورن تي ٻڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل