لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ صنعتي ترقي سان اڳتي وڌي ٿو، ??ڪومت صنعتن جي لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ روانگي وا??ار جي فروغ تي ڌيان نه ڏنو ويو، ??سان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن تي آهي، ايس ايم ايز جي لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمنڊ ??ار پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊسٽريل پئڪيج جي حوالي س??ن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي جو لاڳيتو جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪاروباري طبقي جي لاءِ پئڪيج جو اعل??ن تمام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته صنعتي ترقي جي بنياد تي ملڪ اڳتي وڌندا آهن. ماضي ۾ پاڪستان وڏي تيزي س??ن ترقي ڪري رهيو هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ نيشنلائيزيشن سان نقصان ٿيو، ??وشلسٽ مائنڊ سيٽ موجب صنعتن کي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه هجي ته ترقي ڪيئن ٿي س??هي ٿي. دولت جي پيداوار سان ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتون ملڪ جي معيشت صحيح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. پرڪشش مراعتن جي بنياد تي سيڙپڪاري راغب ٿئي ٿي. حڪومت ۾ ايندي ئي اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ صنعتي شعبي جو فروغ هو. هن چيو ته ايمنسٽي جي عمل سان صنعتي شعبي کي س??وسنئون فائدو پهچڻ گهرجي. وزيراعظم روانگي وا??ار جي فروغ لاءِ حڪومت جي پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو ته ماضي ۾ روانگي وا??ار جي فروغ تي ڌيان نه ڏنو ويو. اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي آهي. اسان ان حوالي سان پاليسيون کڻي آياسين ۽ ان شعبي کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ ملڪن جي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سمنڊ ??ار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن. انهن جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ مراعتون ڏينداسين. حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي آهي.
ملڪ صنعتي ترقي سان اڳتي وڌي ٿو، حڪومت صنعتن جي لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل