لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي ??ور??حال کان آگاهه ڪ??و. ملاقات ۾ پنجاب ۾ ڀاڻ جي آبادگارن کي بنا رنڊڪ ف??اهمي لاءِ ڪيل انتظامي قدمن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي ??ور??حال کي تسلي بخش قرار ڏيندي وڌيڪ بهتري آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، وزيراعظم صوبائي انتظاميه کي منصوبن جا اثر عوام تائين پهچائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبا وقت تي مڪمل ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي هر قسم جي ر??يف جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي، وزيراعظم حڪومت جي فلاحي منصوبن جي اثرن کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل، آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري عامر جان ??ه موجود هئا.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ریل رش