اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير م??مولي ا??لاس سڀاڻي آچر تي ا??لام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعودي عرب بطور چيئر افغانستان جي حوالي سان غير م??مولي ا??لاس جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته پاڪستان ان جي آجيان ڪندي سيشن جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ا??ارن ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، افغان عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي وئي آهي، افغان عوام سان يڪجهتي جي ا??هار کانسواءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل مان اميد آهي ته هو افغانستان ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني صورتحال، خاص خوراڪ جي کوٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغانستان سان عالمي برادري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير م??مولي ا??لاس جي ميزباني افغان عوام جي حمايت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو مظهر آهي، غير م??مولي ا??لاس افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم ۽ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.
اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس آچر تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر