اسلام آ??اد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ??اڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان سوئيٽ هوم جي خصوصي ??ارن جي تقريب ۾ شرڪت جي م??قعي تي چئي. اسپيڪر خصوصي تقريب ۾ گهرائڻ تي انتظاميا جا ٿورا ??ڃي?? ۽ چيو ته پاڪستان سوئيٽ هومز کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته هو شوڪت خانم جو چندو گڏ ڪرڻ جي م??م ۾ عمران خان سان گڏ رهيو آهي، بحيثيت سماجي ڪارڪن عمران خان جي قافلي ۾ شامل ٿيس، قومي اسيمبلي کان وڏو ڪو فورم نه آهي ۽ خصوصي ??اڻهن بابت هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اسپيڪر معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي لاءِ قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم جو احساس پروگرام ساراهه جوڳو آهي، پناهگاهه جي پروگرام سان ڪير بکيو نه سمهندو. اسپيڪر چيو ته هو هڪ عام ماڻهو آهي ۽ الله کيس تمام گهڻي عزت ڏني، سياستدان جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن جي لاءِ سياست ڪن ته اسان جي قوم ترقي ڪندي. اسپيڪر چيو ته اسان جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خيرات ۽ عطيو ڏيندڙ ماڻهو آهن ۽ اعتماد بحال ٿيڻ تي اسان جا ماڻهو تيڪس به ڏيندا. هن چيو ته اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سان سندس ڳالهه ٿي آهي. اسٽريٽ چلڊرن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي. اسپيڪر چيو ته خصوصي ??اڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. خصوصي ??اڻهن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
خصوصي ماڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais