اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪيو. نادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊڪوارٽر آمد تي گه??و وزير شيخ رشيد احمد وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن ??ان ??هن??ڙ غير ملڪي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئ?? شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪارڊ جي ڪري پاڪستان ۾ ??هن??ڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي نوڪريون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي ??ان بچي به سگهندا.
وزيراعظم عمران خان پاران نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری