اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلسل رابطن جي ضرورت آهي. يورپي يو??ين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي وزير انطاليه ڊپلوميسي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ ۾ يورپي يو??ين جي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يو??ين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات ?? افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يو??ين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جي ايس پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ايس پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪستان ۽ يورپي يو??ين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ واپار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان جي ايس پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽرنيشنل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿاريل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وي??دي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو.
افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي بعد عالمي برادريءَ جي لڳاتار رابطن جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ