اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 599، پنجاب ۾ 12 هزار 38، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 487، اسلام آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 ج?? ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 ج?? لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جا 195 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ -19 ج?? ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 52 هزار 296 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی