دبئي / اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان پيغمبر اسلام حضرت مح??د صه جي انساني برابري جي درس تي عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم، قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف اسلامي تاريخ جو بنياد آهن، اسان پنهنجي ملڪ کي به انهي بنياد ۽ اصول تي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا، قانون تي عملدرآمد ۽ رياست جو جوابده هجڻ يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم عمر??ن خان دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2019ع ۾ گورننس جي ويزن ۽ پاڪستان جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ عالمي رانديگر ڪرڪيٽر مان پاڪستان جو وزيراعظم ڪيئن بڻيس؟ هن چيو ته آئ??ن پاڪستان جي ان پهرين نسل سان تعلق رکان ٿو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تيز ترقي کي ڏٺو آهي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا ۾ تيز ترقي ڪ??دڙ ملڪن ۾ شامل هو ۽ ان جي ترقي جي رفتار ترقي پذّير ملڪن جي لاءِ هڪ مثال هو.
تعليم، قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف اسلامي تاريخ جو بنياد آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا