اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هروڀرو جي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جن??ن تحت وفاقي ڪابينا جو اجل??س اڄ جمعي ڏينهن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجل??س ايندڙ اڱاري تي طلب ڪري ور??و آهي جڏهن ته پارليامينٽ جو گڏيل اجل??س اربع تي ٿيندو. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن طلب ڪيو آهي جن??ن ۾ والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال ايجنڊا ۾ سر فهرست هوندي. ان کانسواءِ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پنهنجي دوري ۽ نيويارڪ ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ تع??يري ملاقاتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪندو ته جيئن وزيراعظم جي دوري جي فائدن کي سگهه ڏئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ