اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پ?? پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي پائيدار هدفن جي پروگرام ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ ??وٽروهيڪل اينڊ ريلويز جي سارڪ معاهدي سميت ڪيترن ئي ايجنڊا ائٽمز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته 5 رپين جي سڪي جي تبديلي ۽ 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ جي منظوري کانسواءِ گردي، جگر، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ ڪينسر سميت موذي مرضن ۾ ورتل غريب ۽ مستحڪم شهرين جي علاج بابت پڻ فيصلو ڪيو ويو، نان فائيلرز جي لاءِ ??دهولڊنگ ٽيڪس جي گهٽ شرح جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2016ع تائين توسيع پڻ ڪئي وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ڪابينا ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ ۽ آمد??ي تي ٽيڪسن جي حوالي سان مالياتي چوري جي روڪٿام لاءِ ??اڪستان ۽ چن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ ??ئين پروٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني. آمد??ي تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ ??اڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا پاران وزيراعظم جي هدف پروگرام سميت ايجنڊا ائٽمز جي منظوري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس