واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي ڊيمو ڪريٽ اڳواڻن کي چيو آهي، ته ايندڙ مهيني شڪاگو ۾ ٿيندڙ پارٽي ڪنيونشن ۾ مو?? کي چئلينج يا ڊون??ڊ ٽرمپ خلاف منهنجي حمايت ڪيو. ميڊيا مطابق جوبائيڊن ڪانگريس کي لکيل خط ۾ چيو ته هو چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڊوڙ ??ان هٿ نه کڻندو. هن چيو ته هي گڏجڻ ۽ هڪ متحد پارٽي طور اڳيان وڌي ڊون??ڊ ٽرمپ کي شڪست ڏيڻ جو وقت آهي. هن چيو ته هو پارٽي ۾ موجود اشرافيه مان تمام گهڻو مايوس آهي، انهن مان جنهن جو به خيال آهي ته مو?? کي چونڊ نه وڙهڻ گهرجي، اهو منهنجي خلاف چون?? وڙهي ۽ صدارتي اميدوار طور اعلان ڪري ۽ کيس ڪنوينشن ۾ چئلينج ڪري. ٻئي پاسي ڊون??ڊ ٽرمپ انٽرويو ۾ چيو ته منهنجي خيال ۾ جوبائيڊن دٻاءُ برداشت ڪندو ۽ ڊوڙ ۾ شامل رهندو، سندس انا آهي ۽ هو هٿ نٿو کڻڻ چاهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام