تهران -20 مئي (اي پي پي ) ايران جو صدر اب??اهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين اميرعبداللهيان هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن .ايران جي خابرو اداري تصديق ??ئي آهي ته صدر ۽ پرڏيهي وزير جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ها اهو هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار سمورا مسافر فوت ٿي ويا آهن. ايجنسي موجب شهيد ڊاڪٽر سيد اب??اهيم رئيسي آچر جي شام جو سرحدي علائقي قيز قلعه ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏ ڊيم جو افتتاح ڪرڻ بعد تبريز شهر طرف واپس وڃي رهي?? هو ته ايران جي صوبي ۾ اوڀر آذربائيجان جي علائقي زرقان ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ هو پنهنجي ساٿين سميت فوت ٿي ويو آهي. حادثي جو شڪار ٿيل بدقسمت هيلي ڪاپٽر ۾ صدر ڊاڪٽر سيد اب??اهيم رئيسي سان گڏ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان صوبي جو گونر مالڪ رحمتي، صدر مملت جي سيڪورٽي جٿي جي ڪمانڊر جنرل سيد مهد موسوي ۽ صدر جو ذاتي محافظ موجود هئا. ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي (آئي آر اين اي) موجب ايراني صدر آمريڪي ساخت واري بيل 212 هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هيو . رائٽرز هڪ ايراني اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ صدر اب??اهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان کي کڻي ويندڙ هيلي ڪاپٽر مڪمل طور تي سڙي ويو هيو .
ايراني صدر ابراهيم، پرڏيهي وزير ۽ ٻيا هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha