واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرا??سس??و ۾ فلسطين جي حامين مظاهري دوران گولڊن گيٽ پل کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪ?? تائين ٽريفڪ جي اچ وڃ بند رهي. اي ايف پي موجب گذريل ڏينهن سان فرا??سس??و ۾ شهرين غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت ??لاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ۽ شهر جي مشهور پل گولڊن گيٽ برج کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪ?? تائين ٽريفڪ معطل رهي. فضائي فوٽيج ۾ پل تي ٽريفڪ جي رڪيل رواني کي ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ٻئي رخ ۾ رستا ويران ۽ پوليس جي موجودگي ڏيکاري وئي آهي. مظاهرو ڪندڙن گذريل ڏينهن فلاڊيلفيا ۾ شاهران ۽ شڪاگو جي اوهيئر عالمي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري مسافرن کي ايئرپورٽ ڏانهن پنڌ وڃڻو پيو. هوڏانهن ڪينيڊا، اٽلي، ڏکڻ ڪو??يا، ڪولمبيا ۽ بيلجيئم ۾ به اسرائيل خلاف مظاهرن جي رٿابندي ڪئي وئي. واضح رهي ته آمريڪا ۾ احتجاج ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي پنهنجي پارٽي اندر اسرائيل جي حمايت ??اري رکڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزه م هاڻي تائين گهٽ م گهٽ 33797 شهرين شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت ??ورتن ۽ ٻارن جي آهي.
غزه ۾ اسرائيل جي بربريت خلاف سڄي آمريڪا ۾ مظاهرا، ٽريفڪ جي آمد رفت معطل
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II